انگن چڙهيو انگ

انگن چڙهيو انگ

انگن چڙهيو انگ

انگن چڙهيو انگ (ڪتاب): هي نوجوان ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. ’انگن چڙهيو انگ‘ ۾ ڊائريءَ جا ورق ۽ 10 ڪهاڻيون: (1) انگن چڙهيو انگ، (2) جذبن ڀريو لاش،
(3) جمالو، (4) ڪو جو قهر ڪلاچ ۾،
(5) ڪاري ڪينواس تي، (6) هاءِ پتنگڙا،
(7) واهه ڙي! ڪوئا تنهنجا تماشا،
(8) آرٽس فيڪلٽي، (9) لڙڪن ڀري آجيان ۽ (10) آس شامل آهن. ڪتاب ۾”نئين سگهه“ عنوان سان، پيش لفظ طارق عالم ابڙي لکيو آهي، جڏهن ته ٻه اکر طارق عاجز ڀٽيءَ لکيا آهن ۽ ليکڪ جو تعارف منصور قادر جوڻيجي لکيو آهي. ڪچي جلد سان، ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 114صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي شانتي پبليڪيشن بدين، آڪاش پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي، آگسٽ 1989ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٽائيٽل طارق عالم جو ٺاهيل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو